در محمد فقير

در محمد فقير: فقير در محمد صوفي شاهه عنايت شهيد جي سلسلي جو شاعر هو. ان ڏس ۾ محقق ۽ اديب ڊاڪٽر محمد علي مانجھيءَ پنهنجي پي. ايڇ. ڊي جي مقالي ’شاهه عنايت شهيد جي سلسلي جا شاعر‘ ۾ سندس زندگيءَ ۽ شاعريءَ بابت مختلف حوالن سان لکيو آهي ته: فقير در محمد مسڪين ابن خداداد ابن فقير خدا بخش ابن روحل فقير پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. هي صوفي درويش اڪثر صوفين ۽ فقيرن جي صحبت ۾ وقت گھاريندو هو. سندس ڪلام ڪافين، بيتن ۽ واين تي مشتمل آهي. هتي سندس هڪ شعر پيش ڪجي ٿيو:
يڪدم زير زنار جي آندو، الو ميان زاهد شيخ صنعان،
در محمد جي درد جو دلبر، دلئون ڪيو ڪو درمان.


لفظ در محمد فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو